رسالو ميان سچل فقير جو

رسالو ميان سچل فقير جو

رسالو ميان سچل فقير جو

رسالو ميان سچل فقير جو

رسالو ميان سچل فقير جو

رسالو ميان سچل فقير جو (ڪتاب): حضرت سچل سرمست جو رسالو، ميان علي قلي بيگ، ترتيب ڏئي، اُن جو پهريون ڀاڱو ’رسالو سچل سائينءَ جو‘ تصنيف فقير فاروقي درازن واري جو‘ عنوان سان 1902ع ۾، ميشرس هريسنگهه سنس ڪتبخانه ڇاپخانه سکر مان ڇپائي پڏرو ڪيو، ۽ اُن جو ٻيو ڀاڱو به ساڳئي ڪتبخاني مان ’رسالو ميان سچل فقير جو‘ عنوان سان 1903ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. پهرئين ڀاڱي جي مٺائي (قيمت) سوا روپيو (رعايتي) ۽ ٻئي ڀاڱي جي مٺائي ٻارهن آنا رکي وئي آهي.
هن رسالي کي تقريباً 106 سالن کان پوءِ، ڊاڪٽر نواز علي شوق جي تصديق ۽ مقدمي سان، 2008ع ۾، ثقافت ۽ سياحت کاتي، حڪومت سنڌ، ڪراچيءَ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن ۾ سچل سرمست جي رسالي جي ٻنهي ڀاڱن وارو ڪلام شامل آهي.
ڊبل ڪرائون سائيز جي 960 صفحن تي مشتمل هن رسالي ۾ پهرين ٻن ڇاپن جي سر ورقن ۽ اندرين صفحن جي شروعاتي صفحن جا عڪس به ڏنا ويا آهن، ۽ هن 960 صفحن تي مشتمل رسالي جي قيمت 800 روپيا رکي وئي آهي. رسالي تي نواز علي شوق جي ٻن اکرن سان گڏ مقدمي ۾ مرزا علي قلي بيگ جي سوانح، رسالي شايع ڪندڙ، سچل سرمست جي طالبن، سچل جي دور جي سماجي ۽ سياسي حالتن ۽ شاعريءَ جو جائزو ورتل آهي. گڏوگڏ مرزا علي قلي بيگ جو اصل ديباچو به ڏنو ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو